سي. ٽي. اسڪين (C.T Scan

سي. ٽي. اسڪين (C.T Scan

سي ٽي اسڪين C T Scan

سي. ٽي. اسڪين (C.T Scan): هي هڪ ڪمپيوٽرائيزڊ مشين آهي. ڪمپائونڊ ٽيڪنالاجي (C.T) جي ڪري ڊاڪٽر پهريون ڀيرو جسم جي اندرئين نرم ٽشوز کي ڏسڻ جي قابل ٿيا. هيءَ ايجاد ايڪسري کان اڳتي هڪ وڏو قدم هو. ايڪسري مان صرف هڏن ۽ عضون جو خاڪو نظر ايندو هو، سي. ٽي اسڪين کي سي. اي. ٽي اسڪين (ڪمپائونڊ Axial ٽوموگرافي اسڪين) به چيو ويندو آهي. هن ۾ هڪ ڪمپيوٽر جي مدد سان جسم جا ڪراس سيڪشن اميجز ٺاهيا ويندا آهن. سي. ٽي 1972ع ۾ انگلينڊ ليبارٽري جي برطانوي انجنيئر Godfrey Hounsfield ايجاد ڪئي. ٻئي طرف ڏکڻ آفريڪا سان واسطو رکندڙ طبعي ماهر ايڪن ڪارميڪ به الڳ نموني Tufts يونيورسٽيءَ ۾ هيءَ مشين ٺاهي. شروعاتي سي. ٽي اسڪينرز 1974ع ۽ 1976ع جي وچ واري عرصي ۾ استعمال ڪيا ويا، جيڪي صرف دماغ جي اسڪيننگ ڪندا هئا، پوري جسم جي سي. ٽي اسڪيننگ 1976ع ۾ ممڪن ٿي. هائوس فيلڊ جي ايجاد ڪيل سي. ٽي اسڪين ۾ ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترا ڪلاڪ ۽ ان ڊيٽا جي بنياد تي اميج وٺڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳي ويندا هئا. هاڻوڪي دور جا سي. ٽي اسڪين اک ڇنڀ ۾ نتيجو ڪڍي سگھن ٿا. پوري ڇاتيءَ جو اسڪين پنجن کان ڏهن سيڪنڊن ۾ ڪيو ويندو آهي. ڪمپائونڊ ٽيڪنالاجيءَ جي تاريخ دوران مريضن جي سهولت لاءِ ڪيتريون بهتريون پيدا ڪيون ويون ۽ گھٽ کان گھٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ جسم کي اسڪين ڪرڻ ممڪن بڻايو ويو. ان سان گڏوگڏ اميج جي ڪوالٽي به بهتر کان بهتر ٿي. سي. ٽي اسڪين جو بنياد ايڪسري جي اصول تي آهي. سي. ٽي اميجز لاءِ فلم بدران ڪيلي جي شڪل جو هڪ ڊٽيڪٽر استعمال ٿيندو آهي، جيڪو ايڪسري پروفائيل جي پيمائش ڪندو آهي. ٻاهران سي. ٽي اسڪين هڪ وڏي دٻي جهڙو لڳندو آهي، جنهن جي کليل حصي ۾ مريضن کي اندر داخل ڪيو ويندو آهي. ان جي ويڪر 24 کان 28 سينٽي ميٽر هوندي آهي. مشين اندر هڪ ڦرندڙ فريم هوندو آهي، جنهن جي هڪ پاسي کان ايڪسري ٽيوب ۽ ٻئي پاسي کان ڪيلي جي شڪل وارو ڊٽيڪٽر لڳل هوندو آهي. ڦرندڙ فريم ايڪسري ٽيوب ۽ ڊٽيڪٽر کي مريض جي چوڦير ڦيرائيندو آهي. جڏهن ايڪسري ٽيوب ۽ ڊٽيڪٽر 360 ڊگرين جو هڪ چڪر مڪمل ڪندا آهن ته شٽرز جي مدد سان مخصوص ٿولهه جو اميج يا سلائس فوڪس ٿيندو آهي. جيئن جيئن ايڪسري ٽيوب ۽ ڊٽيڪٽر چڪر مڪمل ڪندا آهن، تيئن تيئن ڊٽيڪٽر ايڪسري بيم جون ڪيتريون تصويرون ڪڍندو ويندو آهي. هڪ مڪمل چڪر دوران تقريباً هڪ هزار پروفائلن جو نمونو ورتو ويندو آهي، هر پروفائيل تقريباً 700 الڳ الڳ چينلز ۾ فيڊ هوندو آهي ۽ هڪ ڪمپيوٽر ان کي ٻئي اميج جي صورت ڏيندو آهي. پوري جي پوري اسڪين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڪمپيوٽر استعمال ڪيا ويندا آهن. ورڪ اسٽيشن تي ويٺل ٽيڪنيشن سڄي ڪارروائيءَ تي نظر رکندو آهي. سي. ٽي ڪمپيوٽرن ۾ شامل ڪيترا مائيڪرو پروسيسر اهم ڪم سرانجام ڏيندا آهن.
سي. ٽي اسڪيننگ ۽ ايڪسري ۾ هڪ اهم فرق هي آهي ته سي. ٽي جي مدد سان سڌو سنئون اميج وٺڻ، جگر ۽ ڦڦڙن وغيره جي سنهن ٽشوز وچ ۾ فرق معلوم ڪرڻ ممڪن آهي. هي خاص ڪري رسوليون ڳولڻ لاءِ فائديمند آهي. سي. ٽي اسڪين سان رسولين جي موجودگي، سائيز ۽ جڳهه جي خبر پوندي آهي.
سي. ٽي اسڪين جي مدد سان جسم جي ڪنهن به حصي کي اسڪين ڪرڻ ممڪن آهي. مثال طور پٺيءَ جو ڪنڊو، ڪلهن ۽ ڳچيءَ جا جوڙ ۽ فريڪچر وغيره. هي دل، دماغ، جگر، ڦڦڙن ۽ اعصابي نظام ۽ رڳن جا مسئلا معلوم ڪرڻ جو به بهترين، تڪڙو ۽ سولو طريقو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو